چوڌري، فضل الاهي

چوڌري، فضل الاهي

چوڌري فضل الاهي

چوڌري، فضل الاهي: اڳوڻو صدر مملڪت فضل الاهي چوڌري، پهرين جنوري 1904ع تي مراله گوجران، تعلقي کاريان، ضلعي گجرات ۾ پيدا ٿيو. هن عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (معاشيات) ۽ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هن گجرات ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1945ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ پنجاب جو تعليم ۽ صحت جو وزير ٿيو. 1936ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ان اسيمبليءَ جو اسپيڪر به رهيو. 1962ع ۽ 1965ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 1965ع کان 1969ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو. 1970ع ۾ هو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٽيون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ پهرين قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ پوءِ صدر ٿيو. ان عهدي تي هن 16 سيپٽمبر 1978ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. چوڌري فضل الاهي پهرين جون 1982ع تي وفات ڪئي.


لفظ چوڌري فضل الاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.01.01  عيسوي

اڳوڻو صدر مملڪت فضل الاهي چوڌري، پهرين جنوري 1904ع تي مراله گوجران، تعلقي کاريان، ضلعي گجرات ۾ پيدا ٿيو.


1978.09.16  عيسوي

چوڌري فضل الاهي 1970ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٽيون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ پهرين قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ پوءِ صدر ٿيو. ان عهدي تي هن 16 سيپٽمبر 1978ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.


1982.06.01  عيسوي

چوڌري فضل الاهي پهرين جون 1982ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آسودارام سَنت
سجاد حسين ڀٽي
جانڻ چن
عبدالحق شيخ
عبدالفتاح ميمڻ 1
امداد علي اوڍو
سيون هيڊن
حاجي شاد راڄڙ
جِم جِي شيفر
راڄپر عبدالحڪيم سرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون